اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ جي نئين تنظيم?? عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ??ه جنرل سيڪريٽري اسد عمر، سنڌ جي علي حيدي زيدي، خيبرپختونخواهه جي پرويز خٽڪ، بلوچستان جي قاسم خان سوري، پنجاب جي شفقت محمود ۽ ڏکڻ پنجاب جي صدر خسرو بختيار تنظيمي معاملن کي بهترين انداز سان هلائيندا، وزيراعظم عمران خان پارٽي معاملن کي منظم ۽ فعال بڻائڻ جي لاءِ اهو قدم کنيو. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي ??نهن جي سمورين اڪائين ۾ نمائندگي آهي. سڄي ملڪ ۾ پارٽ?? ڪارڪن نئين قيادت کي مضبوط بڻائيندا. هن چيو ته انشاءَ الله خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور ڪامياب?? حاصل ڪنداسين.