اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آمريڪي سينيٽر ۽ اڳوڻي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ هيري ريڊ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هيري ريڊ 82 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پن??نج?? هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته سينيٽر هيري ريڊ جي موت تي تعزيت ڪرڻ چاهيان ٿو، هو پاڪستان جو تمام سٺو دوست هو. صدر ياد ڏياريو ته 2012ع ۾ جڏهن هو ۽ عمران خان افغانستان جي مسئلي تي پرامن حل جي ڪوشش جي سلسلي ۾ آمريڪا جي ??ور?? تي ويا هئا ته مرحوم سينيٽر وڏي ش??ند??ر ??ند??ز ۾ آمريڪي سيني??رز ۽ ڪانگريس ميمبرن سان سندن ملاقاتن جو اهتمام ڪيو هو.