اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي ڪيچ بلوچستان ۾ فوجي چوڪي تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي سيڪيورٽي فورسز تي حملي ۾ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ شهادت ما??ين??ڙ بهادر سپوٽن جي جرئت ۽ بهادري کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. شاهه مح??ود قريشي چيو ته ملڪ جي تحفظ خاطر، شهادت ما??ين??ڙن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته امن دشمن عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي دم پٽينداسين. دهشتگردي جي خلاف پوري قوم شيهي جي ديوار وانگر پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائ?? بيٺل آهي. پرڏيهي وزير شهيدن جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.