اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مصر خطي جو هڪ ??هم ملڪ ۽ ان جو استحڪام ۽ ترقي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي، اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر مصري سفير طارق دهرواگ سان ڳالهائيندي چئي. جنهن پرڏيه?? وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته اها ڳالهه ??وشي جوڳي آهي ته مصر جو صدر عبدالفتح السيسي جي قابل قيادت ۾ سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف گامزن آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ هڪجهڙي ثقافتي وابستگي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، پرڏيه?? وزير چيو ته ٻئي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موقف ۾ هڪجهڙائي خوش آئنده آهي منهنجو گذريل سال مصر جي ??ور?? دوران صدر السيسي ۽ پرڏيه?? وزير سامع شڪري سان تمام فائديمند ملاقاتون ٿيون. هن چيو ته پاڪستان مصري پرڏيه?? وزير سامع حسن شڪري جي پاڪستان جي ??ور?? ۽ اسلام آباد ۾ چوٿين گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي جلد انعقاد جو منتظر آهي. مصري سفير پرڏيه?? وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڏياري.