پنڊ دادن خان – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين نوشڪي پنجگور ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ شهيد ٿ??ند?? پاڪ فوج جي شهيد جوان ??ابر حفيظ جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد محمد حفيظ سان ??عزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته بابر حفيظ شهيد دهشتگردن جو د??يري سان مقابلو ڪيو، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ بابر حفيظ شهيد جي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهي. شهيدن جي خاندانن جا حوصلا آهن جو اهي شهادتن تي فخر ڪن ٿا، اسان پنهنجي شهيد جوانن جي رت جا مقروض آهيون، پورو پاڪستان ??نهن خاندانن جو احسان مند آهي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، پاڪستان ??ي رياست ۽ حڪومت شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد بابر حفيظ جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.