اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مخ??لف ڌر پاران وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ سان عوام جو عمران خان تي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور ۾ جيترا ترقياتي ڪم ٿيا، ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوابي ۾ عوامي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ آزاداڻي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو. پاڪستان هڪ خودمختيار ۽ آزاد ملڪ آهي اسان ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺنداسين، اسان دنيا سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ مخ??لف ڌر جو قانوني حق آهي پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ميمبر ان جو ڀرپور مقابلو ڪندا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اسان جي دور ۾ جيتري اسلامي قانونسازي ٿي ما??ي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته اسان جي دور ۾ پنجين درجي تائين اسڪولن ۾ ناظ??ه قرآن پا?? ۽ ڏهين درجي تائين قرآن پا?? جو ترجمو شروع ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي حڪومت عالم سڳورن جي لاءِ وظيفو شروع ڪيو ۽ وياج جي خلاف قانونسازي ڪئي.