اسلام آباد – 16 – ??ون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪيو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان ع??ام جي متاثر ٿيڻ جو احساس آهي، پر ان کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، صورتحال تي قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندس، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان ع??ام تي ٿيڻ واري اثرن کان چڱي طرح آگاهه آهيان، پر پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊي?? جي ڪري موجوده حڪومت وٽ پيٽروليم مصنوعاتن ??ون قيمتون وڌائڻ کانسواءِ ڪو به چارو نه هو، وزيراعظم چيو ته هو پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٿيندڙ ڊي?? جي حوالي سان قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو، وزيراعظم چيو ته انشاءُ الله اسان اقتصادي مشڪلاتن مان نڪري اينداسين، وزيراعظم حيرانگي جو اظهار ڪيو ته جن آءِ ايم ايف سان هن وقت تائين جو بدترين معاهدو ڪيو ۽ انتهائي غلط معاشرتي فيصلا ڪيا ڇا هو سچ جو منهن ڏسڻ جي همت رکن ٿا؟ هن چيو ته قوم هن وقت جنهن معاشي مشڪلاتن مان گذري رهي آهي، ان جو ذميدار پ??ڻ کي ڪيئن بري زمان قرار ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته هو اڳوڻي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جي باري ۾ قوم کي جلد اعتماد ۾ وٺندو.