اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف چيو آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين عمران نيازي ديانتداري، شفافيت ۽ احتساب جي نالي تي عوام کي گمراهه ڪندو رهيو، فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي سندس اهو ڀانڊو ڦوڙي ڇڏيو، اتحادي حڪومت ان کي منطقي انجام تائي پهچائيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو ته عمران نيازي جي ??صل حقيقت ڇا آهي، اصل ۾ هو هڪ مڪار ماڻهو آهي. هن چيو ت?? 8 سالن کان عمران نيازي ان ڪيس جي فيصلي ۾ دير جي لاءِ سمورا حربا اختيار ڪيا، ان سلسلي ۾ هن 9 پٽيشنز هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيون، جڏهن 50 ڀيرا التوا گهريو ويو. هن چيو ته عمران نيازي پنهنجي ??ضامندي سان ڄاڻي واڻي غلط حلفيه بيان جمع ڪرايو. هن چيو ته اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پي ٽي آءِ بنا ڪنهن شڪ جي ??يرملڪي فنڊڊ پارٽي آهي.