چڪوال – 10 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي 75 هين جشن آزادي جي ڏهاڙي ڊائمنڊ جوبلي جي خوشي جي موقعي تي ضلعي انتظاميا ٽن ڏينهن جي شاندار تقريبن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جون اهي تقريبون 12 کان 14 آگسٽ تائين ٽي ڏينهن جاري رهندون ۽ انهن تقريبن جي شروعات سڄي ضلعي ۾ 12 آگسٽ کان مسجدن ۾ فجر جي نماز کانپوءِ پاڪستان جي بقاءَ ۽ سلامتي ۽ خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون ۽ 12 آگسٽ تي جشن آزادي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويندو. اها ڳالهه اي ڊي سي روينيو ت??وير مرتضيٰ جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٻڌا??ي وئي جنهن ۾ اي ڊي سي جي اشعر اقبال، اي ڊي سي فنانس مجاهد عباس ۽ ضلعي انتظاميا ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي آفيسرن ۽ چڪوال آرٽس ڪائونسل جي نمائن??ن شرڪت ڪئي. اي ڊي سي روينيو ت??وير مرتضيٰ چيو ت?? پاڪستان جي آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ شهر جي ڪميٽي باغ ۾ 12 کان 14 آگسٽ مينا بازار/ فيملي فيسٽيول، اهڙي طرح ٽن ڏينهن واري تقريبن دوران تصويري نمائش، جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ وڻڪاري جي تقريبن، خوبصورت چراغان ۽ عمارتن جي سجاوٽ ڪ??ي ويندي. 13 آگسٽ تي رات 9 وڳي دلڪش آتشبازي جو مظاهرو ۽ ان سان گڏ ئي جشن آزادي مشاعرو پڻ منعقد ٿيندو. ان کان اڳ 13 آگسٽ تي ئي صبح 11 وڳي 15 چوڪ کان ڀون چوڪ تائين آزادي ڏهاڙو ريلي منعقد ڪ??ي ويندي جڏهن ته 13 ۽ 14 آگسٽ تي ڪٻڊي ۽ والي بال جي مئچز تي ٻڌل اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪرايو ويندو. اي ڊي سي روينيو چيو ت?? 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏهاڙي جي صبح ضلعي انتظاميا جي اهتمام هيٺ پرچم ڪشائي جي عاليشان مرڪزي تقريب 8 لڳي 58 منٽن تي منعقد ڪ??ي ويندي.