ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد کي ڪڌي حربن سان دٻائي نه ٿو سگهجي، نه ئي ڏاڍ ۽ سختين سان ڪشميري ڀائرن جو رستو روڪي سگ??جي ٿو. هن ڪشمير استحصال ڏه??ڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي فوري بحال ڪري، مودي سرڪار پاران والاريل واديءَ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته مودي سرڪار جي قدمن ۽ پاليسين سان خطي ۾ امن کي سخت خطرا آهن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن. هن چيو ته سنڌ جي عوام ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد ۾ انهن سا?? گڏ بيٺل آهي. ڪشمير استحصال ڏه??ڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ خصوصي پروگرام، ريليون منعقد ڪيون پيون وڃن ته جيئن ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪري سگ??جي ۽ نئين نسل کي ان بابت آگاهي ڏئي سگهجي.