اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي لا??ِ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ جي لا??ِ ڊيش بورڊ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب ڊيش بورڊ جي ذريعي ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ مقامي ۽ عالمي امداد ۽ ان جي ورڇ جي معلومات تائين دنيا جي ڪنهن به حصي مان پهچ ممڪن ٿيندي. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي امداد ۾ معاونت جي لا??ِ ويب سائيٽ، هڪ ٺوس فلڊ ريليف مئنيجمينٽ سسٽم، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف فيلڊ ورڪرز جي لا??ِ ڊيجيٽل ايپليڪيشنز ۽ پاليسي ۽ في??لاسازي جي لا??ِ ايگزيڪيوٽو ڊيش بورڊ پڻ ان فلڊ ريسپانس نظام جو حصو آهي. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.