اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف جي هدايت تي اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي ل??ءِ تعليمي خرچ ختم ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهب??ز شريف جو بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شآگردن جي ل??ءِ وڏو تحفو آهي. وزيراعظم اهو قدم بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي اعليٰ تعليم جي حوصلا افزائي جي ل??ءِ کنيو آهي. قدم جو مقصد قومي اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا جو فروغ آهي. اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ۾ بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جا شاگرد مفت تعليم حاصل ڪندا. بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي ل??ءِ تعليمي پئڪيج بابت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. شاگردن جا 50 سيڪڙو تعليمي خرچ وفاقي حڪومت ادا ڪندي. شاگردن جي 50 سيڪڙو فيس اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور اداڪندي. وزيراعظم جي هدايتن تي يونيورسٽي مان ڪڍيا ويندڙ شاگرد به بحال ڪيا ويا آهن. لاڳاپيل شاگردن کي يونيورسٽي پاران جاري نوٽيس پڻ واپس ٿي ويو. وزيراعظم شهب??ز شريف اهڙي طرح جون سهولتون پنجاب جي وڏي وزير طور شاگردن کي ڏنيون هيون.