فيصل آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آهي، ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ کان چين جي دوري تي روانو ٿي ??هي?? آهي، ان جو چين وارو دورو سي پيڪ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر نئين جذبي سان اڳتي وڌائڻ جو شاندار قدم ثابت ٿيندو ۽ ترقي جي انهن دشمنن جن گذريل چئن سالن ۾ سي پيڪ تي ڪم روڪي ملڪ ۽ قوم جو وڏو نقصان ڪيو. فسادي ۽ فتني تي ٻڌل ايجنڊا جي ابتڙ ٻيهر سي پيڪ تي ڪم شروع ڪري پاڪستان کي تعمير ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪيو ويندو جنهن سبب معاشي ترقي سان گڏوگڏ عوام جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هلندڙ سال اربين رپين جي لاڳت سان توانائي جا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا ۽ ان مان گهربل توانائي جي حاصلات سميت بجلي جي گهٽتائي جو خاتمو اچي ويندو. هو لاليان ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيل 220 ڪي وي گرڊ اسٽيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڄاڻايل منصوبي سان جتي توانائي جون ضرورتون پوريون ٿينديون اتي ننڍا وڏا صنعتي يونٽ لڳندا جڏه?? ته علائقي م پهاڙين جي ڪٽائي جي تياري ۾ لڳول اسٽون ڪريشرز لاءِ وولٽيج پورا ٿي ويندا. هن چيو ته گرڊ اسٽيشن جو منصوبو ئي افتتاح ناهي، بلڪه هن علائقي جي ترقي جو پڻ افتتاح ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن هتي نوان يونٽ لڳندا ۽ سيڙپڪاري ايندي ته هتان جي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي پڻ ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته ان کان اڳ نواز شريف پنهنجي دور ۾ بجلي جي کوٽ جو خاتمو ڪيو هو ۽ جتي روزاني 18-18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ ٿيندي هئي اتي ملڪ کي لوڊ شيڊنگ فري ڪري ڇڏ??و، اهو ئي نه بلڪه ڪراچي جهڙي شهر ۾ روزانو 30-30 قتل ٿيندا هئا اتي ماڻهو ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري روڪي ڇڏ?? هئي، نه صرف امن قائم ڪيو بلڪه سڄي ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو يقيني بڻايو. هن چيو ته نواز شريف هن ملڪ کي روشن ۽ دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪيو جنهن سان پاڪستان ترقي ۽ تعمير جي منزل طرف گامزن ٿيو پر فتني خان جي فسادي حڪومت سڀني ڪمن تي پاڻي ڦيري ڇڏ??و ۽ پنهنجي گذريل 4 سالن جي حڪومتي دور ۾ ملڪ کي 50 سال پوئتي ڌڪي ڇڏ??و. انجنيئر خرم دستگير چيو ته نواز شريف ملڪ ۾ سي پيڪ آڻي پاڪستان جي ترقي جي بنياد رکي. هن چيو ته فيسڪو ملڪ جي اهم ترين ڊسٽري بيوشن ڪمپني آهي ڇاڪاڻ ته هي پاڪستان جي مانچسٽر ۽ ٽيڪسٽائيل حب فيصل آباد جي ڪاروباري، صنعتي ۽ روانگي واپار جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته هاڻ سسٽم ۾ نئين بجلي شامل ٿيڻ سان ڪاروباري، صنعتي ترقي جو ڦيٿو تيز ٿيندو ۽ وولٽيج پڻ ڊراپ نه ٿيندا. هن چيو ته هي ترقي جي تڙپ ئي هئي جيڪي منصوبا گذريل دور ۾ روڪيا ويا هئا، انهن تي عمل شروع ڪيو ويو آهي، انهن ۾ هڪ منصوبو ڪروٽ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور ڪي775 ميگاواٽ جي پلانٽ جو پڻ هو جيڪو ماضي ۾ 4 سال بند ??هي?? پر هاڻ ان کي هلايو ويو آهي. اهڙي طرح ايندڙ ڏينهن ۾ پڻ 1320ميگاواٽ شهنگائي ٿرڪول پ??اجيڪٽ ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏ??ندو. هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جو مشن آهي ته اسان هن مٽي کي سنواريون ۽ ان کي ترقي ڏيون.