اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڀارتي و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ج?? عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ ??نه??جي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. خودمختياري جي حق جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي و??يراعظم محمد شهباز شريف ??نه??جي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري جو ڏينهن هر سال ڄمون ۽ ڪشمير ج?? عوام جي خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي طور تي ملهايو وڃي ٿو. اڄ جي ڏينهن 1949ع ۾ گڏيل قومن جي هندستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن هڪ قرارداد منظور ڪئي جيڪا ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ڪشميري عوام ??نه??جي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهن، خودمختياري جو هق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي ان??ني حقن جي تنظيمن پاران تسليم ڪيو وڃي ٿو. هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي ??نه??جي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جي قانوني حق جي نشاندهي ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڀارتي و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ج?? مظلوم عوام گذريل 75 سالن ۾ ان حق جو استعمال نه ڪري سگهي. ڀارتي حڪومت نه رڳو ڪشميرين جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جي حق کان انڪار ڪيو آهي پر هن ڀارتي و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان ڪشميرين تي ڏاڍ جي هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد مظلوم ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي حوالي سان عالمي برادري کي ان جي ذميواري ياد ڏيارڻ آهي. گڏيل قومن کي انهن واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي جيڪي هن 74 سال اڳ ڪيا هئا ته جيئن ڪشميري عوام ??نه??جي خودمختياري جو حق حاصل ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته هن ڏينهن آئون پاڪستان جي حڪومت جي ان عزم کي و??جايان ٿو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڀارتي و??لاريل ڄمون ۽ ڪشمير ج?? عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ ??نه??جي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.