اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان يورپي يونين پاران پاڪستان کي هائي رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي جي ??جيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پاران جاري بيان موجب ان قدم سان مني لانڊرنگ جي ??اتمي/ دهشتگردي جي مالي معاونت جي ??اتمي ۾ فني مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي کي تسلي?? ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته اهو قدم نومبر 2022ع ۾ برطانيا جي پاڪستان کي اهڙي طرح جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي کانپوءِ سامهون آيو آهي. هن ??يو ته فهرست مان نڪرڻ سان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ??دارن جي وچ ۾ مالي ڏيتي ليتي ۾ آساني ٿيندي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي تعاون جي لاءِ ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۽ حصيدار ملڪن سان اينٽي مني لانڊرنگ/ سي ايف ٽي حڪومتن جي ??پ گريڊيشن ۾ پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ جو منتظر آهي.