اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ڊي چوڪ تي ”يادگار دستور“ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي. ا?? سلسلي ۾ تقريب سومر تي ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سميت پ??رل??امينٽ جي ميمبرن وڏي تعداد ۾ يادگار دستور جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته سي ڊي اي 14 آگسٽ 2023ع کان اڳ ڊي چوڪ ۾ يادگار دستور مڪمل ڪندي. هن چيو ته 10 اپريل 1973ع تي متفقه آئين منظور ٿيڻ اهم قومي سنگ ميل آهي. اسلامي، وفاقي، پ??رل??اماني ۽ جمهوري آئين جو خاڪو قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي پهرين تقرير ۾ ئي ڏئي ڇڏيو هو. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته 14 آگسٽ 1947ع کانپوءِ 10 اپريل 1973ع سڀ کان اهم ڏينهن هو جڏهن متفقه آئين ٺهيو. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ دستور جي يادگار موجود آهي. ميان رضا رباني ۽ سندس پوري ڪميٽي کي مبارڪون ڏيان ٿو جنهن يادگار جي تعمير جو فيصلو ڪيو. اميد آهي ته جلد ان يادگار کي مڪمل ڪيو و??ند??. يادگار جي ڊزائين لاءِ سڄي ملڪ ۾ مقابلو ڪرايو و??ند?? ۽ آئين جي شاندار ڊزائين جي منظوري ڏني و??ند??. شاهراهه دستور تي يادگار سان گڏ هڪ باغ به تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن سان شهرين کي تفريح به ميسر ا??ند??. اميد آهي ته يادگار دستور ۾ آئين تي صحيحون ڪندڙ تاريخي شخصيتن کي مناسب انداز ۾ خراج تحسين پيش ڪيو و??ند??. اسپيڪر چيو ته يادگار جي تقدس کي برقرار رکيو و??ند??. اميد آهي ته سي ڊي اي ان طرف خاص ڌيان ڏ??ند??. هن سمورين سياسي پارٽين کي مخاطب ڪندي چيو ته ??چو ته اسان سڀ سمورن اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري پنهنجي محسنن جو شڪريو ادا ڪريون. ان کانپوءِ اسپيڪر پ??رل??امينٽ جي اڱڻ ۾ واقع يادگار شهيداءِ تي حاضري ڏني ۽ گل پيش ڪيا، بعد ۾ اسپيڪر ڊي چوڪ ۾ يادگار جي افتتاح طور تي باغ جو پهريون ٻوٽو به لڳايو. ان موقعي تي ملڪي ترقي، خوشحالي، آئين جي سربلندي ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ خصوصي دعا به ??ئي وئي. اسپيڪر پ??رل??امينٽ هائوس ۾ 1973ع جي آئين جي منظوري سان لاڳاپيل تاريخي تصويرن تي ٻڌل ”تصويري نمائش“ جو افتتاح ڪيو.