اسلام آباد ??? 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سلامتي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت س??ڊا?? ۾ پاڪستانين جي ريليف ۽ ريسڪيو ۾ اڳڀري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير چيو ته اڄ خرطوم مان 211 پاڪستانين کي کڻي هڪ ٻيو قافلو پورٽ س??ڊا?? پهچي ويو آهي. تازه ترين قافلي سان گڏ حفاظت سان نڪرندڙ پاڪستانين جو ڪل انگ 700 تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته خرطوم ۽ پورٽ س??ڊا?? ۾ سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم س??ڊا?? ۾ موجود پاڪستانين جي قيام جي سهولت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستانين جي انخلا جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خطي جي دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب سان مصروف عمل آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته آئون خطي ۾ اسان جي مشنز جي محنت ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي سربراهي ۾ پرڏيهي آفيس جي پوري ٽيم جو ٿورائتو آهيان جيڪو بين ايجنسي ڪو??رڊينيشن جي عمل جي قيا??ت ڪري رهيو آهي.