اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو ممل??تي وزير مسگانواريگا 9 کان 11 مئي تي هڪ وفد جي قيادت ڪن??ي پاڪستان جو دورو ڪن??و. پرڏيهي افيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سائنس ۽ واپار وارو ممل??تي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل هوندا. دوري دوران اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني ??و افتتاح ۽ ايٿوپيا جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن ??و افتتاح شامل آهي. ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو وزير ۽ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري ممل??تي وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني ??و افتتاح ڪن??ا. سنڌ جو وڏو وزير ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو ممل??تي وزير ايٿوپيا ايئر لائينز جي سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن ??و افتتاح ڪن??ا. دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪن??يون جنهن ۾ واپار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به شامل آهي. اميد آهي ته ايٿوپيا جي وفد جي دوري سان ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.