اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان عز?? جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪ مان اسمگلنگ جي ناسور جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندس، ڪجهه ڪا??ين رڍن کي ملڪ جي پرڏيهي ناڻي ۽ پاڪستانين جي حق تي هرگز ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس، اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله فوري طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جو دورو ڪري ۽ صوبائي انتظاميا سان گڏجي لاڳاپيل آفيسرن جي ??ارڪردگي جي جائزه رپورٽ پيش ڪري، اسمگلنگ ۾ ملوث يا ان جي روڪٿام ۾ سستي ڪندڙ آفيسرن کي برطرف ڪري محڪماڻي ڪا??روائي ڪئي وڃي، اسمگلنگ جي ??وشش دوران ضبط ٿيل مال جي مڪمل ??نڊڇاڻ ڪري اصل ڏوهارين کي عدالت جي ??ٽهڙي ۾ آندو وڃي، اسمگلنگ جي خاتمي وارين عدالتن جو انگ ۽ صلاحيت کي وڌايو وڃي، اسمگلنگ جي خاتمي وارين عدالتن ۾ جلد فيصلا ۽ سخت سزائون يقيني بڻايون وڃن، اسمگلنگ جي ??اري ڌنڌي ۾ ملوث ملز مالڪن، ڊيلرز ۽ گودام مالڪن سڀني کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، اسپارڪو اسمگلنگ جي سرگرمين جي سيٽلائيٽ نگراني ۾ مدد ڪري، اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سرگرم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳي??ن آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ مان ڪڻڪ، يوريا ۽ کنڊ جي اسمگلنگ جي روڪٿام تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، سيد مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، حساس ادارن جي سربراهن، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ جي سرحدي ضلعن ۽ صوبائي سرحدن تي جاري اسمگلنگ جي خاتمي جي ??اررواين بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي سرحدي ضلعن ۾ ايف بي آر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ??ڏيل چيڪ پوسٽن جي انگ کي وڌائي 10 ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوائنٽ پيٽرولنگ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه هفتن دوران خضدار مان 6 هزار ٽن کان وڌيڪ اسمگلنگ جون شيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي تحويل ۾ ورتي??ن آهن، رڳو گذريل هفتي ۾ ئي آپريشن دوران ضبط ڪئي ويندڙ شين جو مقدار 4342 ٽن آهي جيڪو ٽرڪن جي قافلن ۽ گودامن ۾ اسمگلنگ جي نيت سان موجود هو. اجلاس کي حساس ادارن جي نشاندهي تي اسمگلنگ ۾ سهولتڪاري فراهم ڪندڙ آفيسرن جي برطرفي ۽ شهرت يافته آفيسرن جي مقرري جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ۽ حساس ادارن جي اهلڪارن جي ??وششن کي ساراهيندي چيو ته الله رب العزت جي ??رم ۽ حڪومت جي ??وششن سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ??ذريل 10 سالن جي ??يٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار ٿي، ٻوڏ ۽ برساتن جي باوجود آبادگارن جي محنت ۽ حڪومت جي ??وششن سان ڀرپور پيداوار تي هن ملڪ جي عوا?? جو حق آهي، اسمگلرن کي هرگز هن ملڪ جي عوام جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ نه ڏيندس، حڪومت ايندڙ سال ڪڻڪ جي هلندڙ سال کان به وڌيڪ پيداوار جي لاءِ منصوبابندي ڪري رهي آهي، حڪومت آبادگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ يوريا جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ٺوس منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڏينهن رات محنت سان پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪڻڪ برآمد ڪندڙ ملڪ بڻائينداسين، ڪڻڪ، يوريا ۽ کنڊ جي اسمگلرن جي خلاف فوري ۽ سخت ڪا??روائي ۽ قرار واقعي سزا ڏني وڃي، اسمگلنگ ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله فوري طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جو دورو ڪري ۽ صوبائي انتظاميا سان گڏجي لاڳاپيل آفيسرن جي ??ارڪردگي جي جائزه رپورٽ پيش ڪري.