نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاران پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جي چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر علي جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن ڪوئيٽا سينٽر جي چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر علي جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير حادثي ۾ ٻين زخمي ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي. واضح رهي ته حادثو سوراب ڪوئيٽا ڪراچي هاءِ وي تي ڪار ۽ ويگن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پيش آيو.

مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں