دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان گڏ قطر ميوزيم ۾ منظر ??رٽ گي??ري جو دورو ڪيو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني فن پارن تي ٻڌل منظر ??رٽ گي??ري جو قيام ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير اعليٰ سطحي وفدن ۽ ٻطرفي ملاقات کانپوءِ هڪ ئي گاڏي ۾ ديوان امير کان قطر ميوزيم تائين جو سفر طئي ڪيو. قطر جي امير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پاڻ پاڪستاني فن پارن جي نمائش ”منظر“ جو دورو ڪرايو، ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي وچ ۾ غيرروايتي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي، قطر جي امير ۽ سندس ڀيڻ ۽ قطر ميوزيم جي چيئرپرسن شيخه المياسه بنت حمد بن خليفه الثاني غيررسمي ۽ پنهنجائپ واري ماحول ۾ وزيراعظم کي نمائش ۾ موجود فن پ??را ڏيکاريا ۽ نمائش جي منتظمين ۽ پاڪستاني فنڪارن سان تعارف ڪرايو. وزيراعظم قطر جي امير ۽ سندس ڀيڻ جو منظر ??رٽ گي??ري جي ??نع??اد ۽ پاڪستاني فنڪارن جي پذيرائي تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان نمائش جو ??نع??اد پوري پاڪستاني قوم جي لاءِ فخر جوڳو آهي، قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني فن پارن تي ٻڌل منظر ??رٽ گي??ري جو قيام قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم دوري ۾ ناليواري پاڪستاني معمار نيئر علي دادا، پاڪستاني مصورن، فوٽوگرافر، خطاط ۽ ٻين فنڪارن سان ملاقات ڪئي. نمائش ۾ 1940ع کان وٺي هيستائين جي پاڪستاني مصوري، فوٽوگرافي، مجسما ۽ ٻيا فن پ??را شامل آهن. نمائش ۾ شاڪر علي، صادقين، گل جي، زبيده آغا، ڪامل خان ممتاز، نيئر علي دادا ۽ ڪيترن ئ?? پاڪستاني فنڪارن جي فن پارن جي نمائش ڪئي وئي.