اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪابينا نواز شريف کي انساني همدردي ۽ قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ تي ٻاهرئين ملڪ علاج جي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو ف??صل?? ڪيو آهي، ڌرڻي وارا بند گهٽيءَ ۾ پهچي چڪا آهن، سي پيڪ تحت من??وبن تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان صوبن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ تبديلي جاچڻ جي لاءِ ٺوس طريقيڪار تحت هفتيوار بنيادن تي رپورٽ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آ??ي، ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، معاشي استحڪام کانپوءِ حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آ??ي، حڪومت مهانگي ايل اين جي خريد ڪرڻ بدران قابل تجديد توانائي تي ڌيان ڏئي رهي آ??ي، ڪابينا اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ من??وري ڏني آ??ي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته 2018ع جي چونڊن جي شفافيت جي جاچ جي حوالي سان حڪومت جي ڪردار بابت ميڊيا ذريعي ڪجهه حلقن پا??ان منفي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي.