اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪ??ونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال هڪ آزمائش آهي، اسا?? جي قوم گڏجي ان جو مقابلو ڪندي ۽ هڪ عظيم قوم بڻجي اڀرندي، ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻ?? پوندو، ان مقصد لاءِ ڪرونا رليف فنڊ ۽ ٽائيگر فورس جو ڪردار گهڻو اهم آهي، عوام ڊسيپلين قائم ڪري ۽ يقين رکي ته انهن جو پئسو ضايع نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي آر واءِ نيٽ ورڪ طرفان وزيراعظم کي ڪرونا رليف فنڊ جي حوالي سان ٽيلي ٿون ٽرانسميش?? جي دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪ??ونا وائرس سبب پوري دنيا ۾ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي آهي اهو ڏکيو وقت ضرورت آهي پر مون کي يقين آهي ته اسا?? جي قوم ان آزمائش مان هڪ عظيم قومي بڻجي اڀرندي. هن چيو ته ڪ?? به جنگ حڪومت اڪيلي سر نٿي کٽي سگهي، ا?? جي لاءِ پوري قوم جو گڏ هجڻ لازمي آهي ۽ ڪرونا وائرس جي خلاف جنگ به قوم متحد ٿي وڙهندي. ان مقصد لاءِ اسان سڀني کي ??نه??جي ??نه??جي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ?? پوندو.