اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪرونا وائرس عالمي چئلي??ج آهي، تبليغي جماعت جي ميمبرن جي تعاون جا ٿورائتا آهيون، ٻاهرئين ملڪن مان تبليغي جماعت جي ماڻهن ۽ زائرين جي واپسي جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، عوام کي اپيل آهي ته حفاظتي تدب??رن تي عمل ڪري ڇو ته وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ هر مڪتبه فڪر جو تعاون اهميت وارو آهي. پارليامينٽ ??ائوس ۾ هو مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري ۽ مملڪتي وزير شهريار آفريدي سان گڏ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.