اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هيلٿ ورڪرز جي خدمتن کي خراج تح??ين پيش ڪريون ٿا جيڪي قومي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان حڪ??مت انهن جي حفاظت کي اولين ترجيح ڏي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي هيلٿ وارو وفاقي سيڪريٽري عامر اشرف خواجه ۽ ??ي جي هيلٿ پڻ ساڻس گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جاري انتظامن ۽ قدمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر درپيش چئلي??جز ۽ قدمن بابت بريفنگ ڏني.