اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي تيزي سان پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آئون پاڻ وزيراعظم آفيس مان رو??اني جي بنياد تي ان معاملي جي نگراني ڪندس، جنهن علائقي يا شعبي ۾ به ايس او پيز جي خلاف ورزي ٿي ان کي فوري طور تي بند ڪيو ويندو، ڪورونا جي وبا جي خلاف ڪم ڪندڙ هيلٿ ورڪرز جهاد ڪري رهيا آهن، ??ڪو??ت انهن جي لاءِ خاص پئڪيج ڏيندي، منهنجي ٽيم سمورين وفاقي ڌرين ۽ ماهرن سان مڪمل مشاورت کانپوءِ موثر حڪمت عملي جوڙي ۽ بنا ڪنهن جواز جي تنقيد ٿيڻ جي باوجود ??ڪو??ت ڪنهن دٻاءُ ۾ نه آئي، اڄ پوري دنيا کي احساس ٿي ويو آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جي صو??تحال ۽ وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??ڪو??تي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه جو اندازو هو ته وقت سان گڏ ڪورونا جي متاثرين ۽ ان وبا سبب ٿيندڙ فوتگين ۾ اضافو ٿيندو پر ان حوالي سان مخالف ڌر جي بنا جواز تنقيد افسوس جوڳي آهي، مخالف ڌر ڪشمير جي مسئلي وانگر ڪورونا جي ايشو کي به پنهنجي ڪرپشن ل??ائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿي.