اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته فنڪارن کي انهن جي ڪم جي رائلٽي ملڻ انهن جو حق آهي، ڪاپي رائيٽس جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻنداسين، فلم ٽاسڪ فورس جو قيام جلد کان جلد عمل ۾ آندو ويندو جنهن ۾ حڪومتي عهديدارن سان گڏوگڏ فلم انڊسٽري س??ن لاڳاپيل نالن کي به شامل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن فلمي صنعت سان ??اڳاپيل فنڪارن ۽ ٻين لاڳاپ??ل ڌرين سان ??ڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ ڪيو.