اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان جي صدر اشرف غني وزيراعظ?? عمران خان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کي?? عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظ?? عمران خان به افغان صدر کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ اهڙي وقت ۾ آئي جڏهن عالمي برادري ڪوويڊ 19 سميت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. هن افغانستان ۾ ڪورونا جي ڪري انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو ا??ها?? ڪيو ۽ ان اميد جو ا??ها?? ڪيو ته ڪورونا وبا تي ڪاميابي سان ضابطو آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظ?? عمران خان افغان صدر کي پاڪستان ۾ ڪورونا جي خلاف حڪومت جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ ماڻهن جي جانين کي بچائڻ، معاشي ذريعن جي تحفظ ۽ معيشت کي متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن افغان امن عمل جي نئين مرحلي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظ?? عمران خان امن عمل ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانسدتان ۾ امن وڏي اهميت رکندڙ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته امن عمل جي موجوده ??فت??ر کي آمريڪا طالبان امن معاهدي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ وڌائڻو پوندو، جنهن سان بين الافغان ڳالهيون جلد شروع ٿيڻ جي راهه هموار ٿي سگهندي.