پشاور – 13 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان پشاور ۾ بي آر ٽي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وز??راعظم عمران خان پشاور جو دورو ڪيو جتي هن بي آر ٽي منصوبي جو افتتاح ڪيو. خيبرپختونخواهه جو وڏو وز??ر محمود خان، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان کانسواءِ دفاع وارو وفاقي وز??ر پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وز??ر پير نورالحق ۽ صوبائي وز??ر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وز??راعظم عمران خان کي ان موقعي تي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي، وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته بي آر ٽي جي مڪمل ٿيڻ سان پشاور ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي جديد سفري سهولتن جي فراهمي ممڪن ٿيندي. افتتاحي تقريب چمڪني ڊپو ۾ ٿي. بي آر ٽي جو ٽريڪ 27 ڪلوميٽر آهي، بي آر ٽي جو في اسٽاپ ڪرايو 10 رپيا جڏ??ن ته مڪمل سفر 50 رپين م ٿيندو. هڪ اسٽيشن کان ٻي اسٽيشن جو فاصلو 850 ميٽر آهي. حڪومت پاران بي آر ٽي بس ۾ سفر جي لاءِ شهرين ۾ رڳو 3 ڏينهن ۾ 80 هزار ڪارڊ مفت ورهايا ويا آهن. بي آر ٽي منصوبي تي ڪم جي شروعات آڪٽوبر سال 2017ع ۾ ٿي.