اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سي ڊي اي مع??مل?? بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ G/9 لنگر خاني ??و دورو ڪيو جتي هن انتظامن جو جائزو ورتو ۽ عوام سان گڏ ماني کاڌي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خاص مددگار علي نوان اعواڻ چيو ته وزيراعظم جي غريب دوست سوچ جي ڪري پوري ملڪ ۾ پناهگاهون قائم ڪيون پيون وڃن، ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، اسلام آباد ۾ بهترين ما??ول ۾ لنگر تقسيم ڪيو پيو وڃي، لنگر خانن ۾ غريب ماڻهن کي عزت سان کاڌو ملندو آهي.