اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ ماڊل پناهگاهه جو دورو ڪيو.وزيراعظم پناهگاهه ۾ مختلف سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر جو جائزو ورتو، پناهگاه ۾ رهندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سان گڏ ماني به کاڌي. وزيراعظم طرفان گذريل مهيني اسلام آباد ۾ پناهگاهن ??ي ماڊل پناهگاه بڻائڻ جي هدايت کانپوءِ اهو پهريون شيلٽر هوم آهي جيڪو هڪ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ بهتر انفراسٽرڪچر، ڪيٽرنگ ۽ رهائشي معيار سان ڏهاڙي دار مزدورن جي لاءِ معياري خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، وزيراعطم ??يڊ??ا آفيس موجب آئنده ٽن مهينن ۾ وفاقي گادي واري شهر جي سمورن پنج پناهگاهن ??ي ري ماڊل ڪيو ويندو ۽ ان کانپوءِ آهستي آهستي پوري ملڪ ۾ پناهگاهن ??ي ري ماڊل پناهگاهون بڻايو ويندو، خاصا مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، پاڪستان بيت المال جو ايم ڊي عون عباس ۽ وزيراعظم جو پناهگاهن بابت ??وڪل پرسن نسيم الرحمان وزيراعظم کي پناهگاهن ۾ انتظامي معاملن ۽ سڌارن جي ??ار?? ۾ آگاهه ڪيو.