پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جا وسيلا محدود آهن ۽ حڪومتي آمدني جو اڌ حصو قرضن جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي جنهن جي ڪري حڪومت لاءِ سڄي ملڪ جي هر علائقي ۾ جديد اسپتالن جو قيام سرڪاري فنڊز مان ممڪن نه آهي، اهڙي ۾ جيڪڏهن هڪ طرف پرائيويٽ اسپتالن جي قيام جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ۽ ٻي طرف صحت سهولت ڪارڊ جهڙين اسڪيمن تحت عوام کي سرڪاري خرچ تي نجي اسپتالن ۾ علاج جي جديد سهولتون فرا??م ڪيون وڃن ته اهو ملڪ جي عوام جي مفاد ?? آهي. هو پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي (پي آءِ سي) جي افتتاح کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.