اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپٽ سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳي ٿو، تبديلي جدوجهد سان اچي ٿي سوئچ دٻائڻ سان نه، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ملڪي نه ذاتي ??فادن جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، مخالف ڌر چاهي ٿي ته فوج تي ايترو دٻاءُ وجهون جو اها چونڊيل حڪومت ڪيرائي ڇڏي، ڪرپٽ عنصرن کي اين آر او ڏيڻ سان ملڪ کي نقصان ٿين??و، عوام چورن جي لاءِ ٻاهر ناهي نڪرندي، موجوده حڪومت معيشت جي استحڪام لاءِ اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪيا آهن، ملڪي روانگي واپار ۽ تعميراتي شعبو ترقي ڪري رهيا آهن، اقتصادي اشارا مثبت آهن، ٽيڪس نظام ۾ شفافيت جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي آڻينداسين، احساس پروگرام ۽ هيلٿ ڪارڊ حڪومت جا انقلابي قدم آهن?? بيوروڪريسي جي ڍانچي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، ماضي جي وفاقي حڪومتن بلوچستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي سان آلودگي تي ضابطو ??ڻڻ ۾ مدد ملندي، 2021ع جي آخر تائين پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي هر غريب خاندان وٽ هيلٿ ڪارڊ هون??و، فرقيواراڻي شدت پسندي ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ڀارت جيستائين 5 آگسٽ 2019ع جا قدم واپس نه ٿو وٺي ان س??ن ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. سوشل ميڊيا سان تعلق رکندڙ ماڻهن س??ن ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جن معاشرن ۾ اخلاقيات تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو اهي ئي اڳتي ??ڌن ٿا، الله تعاليٰ اسان کي چڱائي برائي بابت واضح طور تي ??ڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن اخلاقي طور تي ??وم زوال جو شڪار ٿي وڃي ٿي ته پوءِ اها هر لحاظ سان زوال پذير ٿئي ٿي، ميڊيا جو ڪم ملڪ ۾ اخلاقي قدرن ۽ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي، ميڊيا واچ ڊاگ جو ڪم ڪري ٿي.