سوهاوه – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته ملڪ ۾ تعلي?? جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ڪا به قوم علم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، دنيا جي تاريخ کڻي ڏسو اخلاقي قدرن جي زور تي قومن عروج حاصل ڪيو ۽ اخلاقي نظام تباهه ٿيڻ تي اهو معاشرو تباهه ٿيو، القادر يونيورسٽي نوجوان نسل لاءِ رول ماڊل بڻجندي، اسلا?? جي نالي تي حاصل ڪيل ملڪ ۽ اقبال جي خواب جي حامل قيادت هتان کان نڪرندي، اولهه ۾ اسان کان وڌيڪ چڱايون آهن، اتي ادارا مضبوط آهن، انهن جا اخلاق بهتر آهن، اتي سچائي آهي پر خا??داني نظام ۽ مذهب کان دوري انهن جي تباهي جا سبب آهن،علم اسان کي انسان جي ڪردارسازي ۽ انسان ۽ جانور ۾ فرق ٻ??ائ??ندو آهي، انهن جي پارليامينٽ ۾ ضمير وڪرو ڪرڻ جو تصور به نه آهي. اهڙو اظهار وزيراعظم عمران خا?? سيرت النبي ﷺ ۽ صوفي سڳورن جي تعلي?? جي فروغ جي حوالي سان تعمير ٿيندڙ القادر يونيورسٽي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم القادر يونيورسٽي ۾ وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو ۽ يونيورسٽي جي قيام ۾ اڳڀرائي جو جائزو به ورتو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وا??و وفاقي وزير چوڌري فواد حسين به ساڻس گڏ هو. وزيراعظم عمران خا?? پارليامينٽ جي ميمبرن، دانشورن ۽ اسلامي بئنڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته تعلي?? جي اهميت ملڪي ۽ معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ تعلي?? جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي. جهڙي طرح تازي سينيٽ اليڪشن ٿي ان ۾ قو?? جي سامهون خريد ۽ وڪرو ٿيو ۽ مال پڙي لڳي، انصاف جي نظام به ا?? تي خا??وشي اختيار ڪري رکي، ان لاءِ القادر يونيورستٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جئين هڪ اهڙي درسگاهه موجود هجي جيڪو انسان ۽ جانور ۾ فرق ٻ??ائ??، انسان کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات پيدا ڪيو ۽ فرشتن کي حڪم ڪيو ته ا?? جي سامهون سجده ڪري. هن چيو ته مولانا رومي چيو هو ته جڏهن الله ا??سان کي پک ڏنا آهن ته پوءِ ڇو ماڪوڙين وانگر هلن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪا به قوم علم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، جانور ۽ انسان جي وچ ۾ سڃاڻپ صرف عل?? جي ڪري هوندي آهي، اسان جو دين انساني زندگي ۾ تبديلي کڻي اچي ٿو. هن مصر ۾ هڪ اسڪالر جو حوالو ڏيندي چيو ته هو يورپ جي دوري کان مصر واپس آيو ته ا?? چيو ته يورپ ۾ اسلام ته نظر آيو پر ڪو مسلمان نظر نه آيو جڏهن ان جي مقابلي ۾ مصر ۾ مسلمان ته ڪيترائي نظر اچن ٿا پر اسلام نظر نٿو اچي. وزيراعظم چيو ته ا??قادر يونيورسٽي جو مقصد دين کي اسان جي زندگين سان برابري پيدا ڪرڻ آهي، القادر يونيورسٽي کي مصر جي الازهر يونيورسٽي وانگر اعليٰ ادارو بڻائڻ چاهيون ٿا، نوجوان نسل لاءِ القادر يونيورسٽي رول ماڊل بڻجندي.