اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پ?? پي) وفاقي وزير ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو ??هي ته پاڪستان جي ڏهاڙي تي پ??ري پاڪستاني قوم خاص طور تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، ڪشمير 1947ع جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڪشمير جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي وچن ڪريون ٿا ته ڪشميرين جي هر ممڪن سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي مدد جاري رکنداسين، اڄ جو ڏينهن اسان کي هن ملڪ جي ٺهڻ ۾ اسان جي بزرگن جي ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اڱاري ڏينهن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پ??هنجي پ??غام ۾ شهريار آفريدي چيو ته اهو ئي سبب ??هي جو اسان والاريل ڪشمير ۾ رهندڙن تي ٿيندڙ ڀارتي ظ??م جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، نظريو پاڪستان ئي قيام پاڪستان جو بنياد بڻيو، جنهن تحت مسلمان قيادت هندو توا ذهنيت جي اثر هيٺ رهڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڌار ملڪ جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي.