اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، سينيٽ ۾ قا??دا??وان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ اسيمبلي ميمبرن ملاقات ??ئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ ۾ قا??دا??وان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ملاقات ??ئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قانونسازي ۽ ايندڙ بجيٽ جي حوالي س??ن تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاد وسيم وزيراعظم کي حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪورونا وبا جي باوجود ملڪي اقتصادي ترقي لاءِ اشارن ۾ مثبت تبديلي تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي س??ن تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن به ملاقات ??ئي، ملاقات ۾ خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ۾ عطاءُ الله خان، فهيم خان، آفتاب جهانگير، اسلم خان ۽ ڪيپٽن (ر) جميل خان شامل هئا، ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، عامر محمود ڪياني ۽ سيف الله نيازي به ملاقات ??ئي.