اسلام آباد – 27 آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر مير خان محمد جمالي، صداقت علي عباسي ۽ پنجاب جو توانائي وارو وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ شامل هئا. خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر، سينيٽر سيف الله ني??زي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ پارٽي جي نئين سر تنظيم س??زي ۽ بلوچستان جي سياسي صورتحال تي ڳ??لهه ٻولهه ڪئي وئي. مير خان محمد جمالي وزيراعظم ک?? پي ايس ڊ?? پي ۾ بلوچستان جي لاءِ رڪارڊ فنڊز جي فراهمي تي ٿورا مڃيا. پنجاب جي توانائي واري وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ وزيراعظم کي صوبي ۾ توانائي جي مسئلن جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.