اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فضل الرحمان پارليامينٽ جو حصو نه آهي، سندس ڳالهيون به بي معنيٰ آهن، مفادن جي سياست ڪندڙ اڄ 12 هون رانديگر بڻ??ي چڪو آهي، نه هو بيٽنگ ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي کيس بائولنگ جو م??قعو م??ي رهيو آهي، نواز شريف ته پاڻ ڀڳوڙو آهي، فضل الرحمان جيڪڏهن نواز شريف جو ايترو ئي خيرخواهه آهي ته کيس واپس وٺي اچي، نيب آرڊيننس جو م??صد اح??سا?? جي عمل کي وڌيڪ موثر ۽ بهتر بڻ??ئڻ آهي، انهن کي رڳو سيف الرحمان جهڙو اح??سا?? اداري جو سربراهه گهرجي ته جيئن مرضي جو اح??سا?? ڪرائين. مولانا فضل الرحمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت نيب آرڊيننس پارليامينٽ ۾ آڻي رهي آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ نيب کي بند ڪرڻ جي 34 ترميمن کانسواءِ ڪا تجويز آهي ته بحث جي عمل ۾ سامهون آڻي، فضل الرحمان جو داڻو پاڻي بند آهي، انهي لاءِ جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڏينهن رات سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته فضل الرحمان صاحب توهان جي رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ عرض آهي ته 2018ع ۾ عوام ووٽ جي طاقت سان توهان سميت پوري مخالف ڌر کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي، نا??ائز، نا??هل ۽ نالائق حڪومتون اهي هيون جن توهان کي پنهنجي اقتدار جو حصو بڻ??يو ۽ توهان انهن جي لاءِ سهولتڪار بڻيا. هن چيو ته جيڪڏهن موجدوه حڪومت جا چونڊ سڌارا پسند نه آهن ته توهان پنهنجا سڌارا کڻي اچو، توهان ته ڌانڌلي نظام جي فروغ ۾ دلچسپي رکو ٿا.