ڪراچي- 19 آڪٽوبر ( اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل 12 ربيع الاول جي موقعي تي ??نهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ منهنجي آقا سرور قونين حضرت محمد صل?? الله عليهه وسلم جو يوم ولادت آهي اڄوڪو ڏينهن سمورن مسلمانن لاءِ خوشي ۽ مسرت جو ڏينهن آهي. الله تعاليٰ حضرت محمد صل?? الله عليهه وسلم کي هن دنيا ۾ رحمت للعالمين بڻائي موڪليو اسان کي پنهنجي آقا جي تعظيم ??ان گڏو گڏ سندن تعليمات کي به غور سان ڏسڻو ۽ سمجهڻو آهي ۽ سمجهي ان تي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.
حضور جن جي تعليمات ئي اڄوڪي ڏينهن جو سڀ کان وڏو فلسفو آهي. اسان کي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران پنهنجي نبي ڪريم ??ل?? الله عليهه وسلم جي ڏيکاريل رستي تي ??لڻو آهي. هن چيو ته منهنجي نبي جي زندگي ۾ انهن جو کائڻ پيئڻ ، اٿڻ ويهڻ ، انهن جي سياست ، انهن جون جنگيون ، انهن جي منصوبه ب??دي ، رياست مدينه جو قيام ۽ رياست مدينه جي ماڻهن سان سلوڪ انهن سمورن روين جو نالو ئي اسلام آهي. اسان ??ڀ اڄ عهد ڪيون ته جيڪو رستو منهنجي نبي ڏيکاريو ان رستي تي ??لي فلاح جي رستي تي ??ڃون.