اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع تي صحيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ان ايڪٽ کي صحافين جي تحفظ ۽ ڀلائي ۽ ترقي لاءِ هڪ سٺي جذبي تحت صحافين جي مشاورت سان تيار ڪري ??ارليامينٽ مان منظور ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? ايوان صدر ۾ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ تي صحيحن جي تقريب کي ??طا?? ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب، انساني حقن واري ??فاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پي ايف يو جي سميت صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن، سڄي ملڪ جي مختلف پريس ڪلبز جي عهديدارن ۽ صحافين جي هڪ وڏي تعداد شرڪت ڪئي. صدر پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع تي صحيح کي هڪ تاريخي ڏينهن قرار ڏيندي چيو ته صحافي سدائين دٻاءُ جو شڪار رهيا آهن ۽ هاڻي ??تفاق راءِ سان پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ م نظور ڪري ان تي صحيحون ڪيون ويون آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صحافي غير جانبدار ه??ندا آهن ۽ هو هر وقت خطري ۾ رهندا آهن، صحافي ڊگهي عرصي کان پنهنجي حقن ۽ تحفظ لاءِ آواز بلند ڪندا رهيا آهن، صحافين کي ماضي ۾ مافياز جي هٿان قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعن کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ کين هراسان به ڪيو ويندو رهيو آهي، ان ايڪٽ جي ذريعي صهافين کي ان ڳالهه جو تحفظ ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي ذريعن کي ڊسڪلوز نٿا ڪري سگهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته صحافي به پنهنجون ذميداريون پوريون ڪندا، ان ايڪٽ جي ذريعي صحافين لاءِ هڪ ويلفيئر اسڪيم جاري ڪئي وئي آهي، صدر چيو ته پاڪستان سميت دنيا کي فيڪ نيوز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، قرآن پاڪ ۾ حڪم آهي ته ڪو فاسق جيڪڏهن ڪا ننڍي خبر کڻي ??چي ته ان جي تصديق ڪريو، هن چيو ته ايڪٽ تحت ميڊيا ڪميشن به قائم ڪيو ويندو، صدر ذميداراڻي ??حافت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته صحافين کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ڪا به خبر حقيقي تناظر ۾ ڏني وڃي، صدر ايڪٽ صحيح کي ملڪ ۽ صحافين لاءِ وڏو ڏينهن قرار ڏيندي چيو ته حڪومت هڪ بهترين جذبي تحت ايڪٽ کي منظور ڪيو آهي، هن چيو ته صحافي به پنهنجون ذميداريون پوريون ڪن ۽ معاشري جي حقن کي نظر ۾ رکن، ايڪٽ جي منظوري کانپوءِ حڪومت ۽ صحافتي ادارن جي مالڪن جي ذميداري ??ڌي وئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ شرڪت تي اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين، انساني حقن واري ??فاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين تقريب کي ??طا?? ڪندي چيو آهي ته پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع تحت پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ورڪنگ جرنلسٽس کي اهي حق فراهم ڪيا ويا آهن جيڪي فرسٽ ورلڊ جي صحافين کي دستياب آهن، حڪومت ۽ اطلاعات واري ??زارت جو فرض آهي ته اهي ورڪنگ جرنلسٽس جي پٺيان بيٺل هجن، اسان پنهنجي ميڊيا جي آزادي جي ڀيٽ ٿرڊ ورلڊ ۽ مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جو ڪريڊٽ انساني حقن واري ??فاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري کي وڃي ٿو. هن چيو ته جڏهن هو 2018ع ۾ اطلاعات وارو وزير بڻيو ته ان جو آئيڊيا ان جي ذهن ۾ آيو، هن اهو ڪم انساني هقن واري ??فاقي وزير جي حوالي ڪيو جنهن ان ايڪٽ جي تياري ۾ اڻٿڪ ڪوشش ڪئي جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. هن چيو ته حڪومت ۽ اطلاعات واري ??زارت جو فرض آهي ته اهي ورڪنگ جرنلسٽس جي پٺيان بيٺل هجن. ان ايڪٽ جي تياري ۾ صحافي تنظيمن سميت صحافين جي سمورن گروپس سان مشاورت ڪئي وئي. چوڌري ??واد حسين چيو ته پاڪستان ۾ هڪ طبقو اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ??و ته هتي پريس کي آزادي حاصل نه آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ پريس فري ??ه آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به پريس فري ??ه هوندي. هن چيو ته جڏهن پريس جي آزادي جي ڳالهه اچي ٿي ته اسان پنهنجي ڀيٽ ٿرڊ ورلڊ ۽ مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا. چوڌري ??واد حسين چيو ته وزيراعظم جتي به ذميواير لڳائي، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ان حوالي سان ڪا نمايان تبديلي کڻي ??چون. انساني حقن واري ??فاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري تقريب کي ??طا?? ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيسنلز بل تي سينيئر صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سان مشاورت شروع ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان، اطلاعات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻين حڪومتي عهديدارن ايڪٽ جي تياري ۾ ڀرپور طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ايڪٽ جي منظوري کانپوءِ ميڊيا مالڪ هاڻي ??حافين جي انشورنس ۽ ڀلائي جا ٻيا قدم کڻڻ جا پابند هوندا. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحافين جي تحفظ ۽ صحافت جي آزادي جي فروغ واري جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن ايڪٽ 2021ع تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن ۽ صحافين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته قومي اسيمبلي 8 نومبر2021ع ۽ سينيٽ 19 نومبر 2021ع تي صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ (ايڪٽ) بل 2021ع جي منظوري ڏني هئي. ان ايڪٽ تحت صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي رازداري جو حق حاصل ٿي ويو آهي، کين پيشيوراڻي ??ميدارين جي آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ??رانجام ڏيڻ ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو حق حاصل ٿيو آهي، کين نجي زندگي، گهر ۽ ذاتي خط ۽ ڪتابت (بشمول اليڪٽرانڪ ڳالهه ٻولهه) جي پرائيويسي، پنهنجي خبر جي ذريعن کي ڳجهو رکڻ جو حق ۽ ڪنهن به فرد يا اداري ??اران ڏاڍ، تشدد، خوف ۽ هراس، داٻن، ڌمڪي ۽ جبري گمشدگي جي خل??ف تحفظ حاصل ٿي ويو آهي. کين خبر جو ذريعو ٻڌائڻ لاءِ مجبور نه ڪري سگهبو، ان بل تحت دهشتگردي جي خاتمي ۽ قومي سلامتي جي قانونن جي ميڊيا پروفيشنلز جي پيشيوراڻي ??رگرمين کي روڪڻ جي خل??ف ناحق استعمال جي روڪٿام ڪئي ويندي. ميڊيا مالڪ صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي مقرر ڪيل معيارن تحت لائيف اينڊ هيلٿ انشورنس فراهم ڪندا. ميڊيا مالڪ صحافين کي وقت سر پگهار ڏيڻ جا پابند هوندا. بل موجب صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ، شڪايتن جي آزاداڻي ??اچ ۽ فوري ازالي لاءِ آزاد ڪميشن قائم ڪيو ويندو، ڪميشن ۾ پاڪستان بار ڪائونسل، پي ايف يو جي، نيشنل پريس ڪلب، پي آر اي، انساني حقن واري ??زارت، اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت جا نمائندا شامل هوندا. وفاقي حڪومت ڪميشن جي چيئرپرسن جو ٻن سالن لاءِ مقرر ڪندي، ڪميشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي عورت ميمبر شامل هونديون. بل تحت آئين جي آرٽيڪل 9 موجب صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي زندگي ۽ سيڪيورٽي جي حق کي يقيني بڻايو ويندو، ڪو به ماڻهو، ادارو اهڙو قدم نه کڻي ??گهندو جنهن سان ڪنهن صحافي ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي زندگي جي حق ۽ حفاظت جي خل??ف ورزي ٿئي. حڪومت صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي جبري ??ا رضاڪاراڻي گمشدگي، اغوا يا کڻي وڃڻ جي خل??ف تحفظ ڏيندي، هو بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجو ڪم ڪري سگهندا، ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته انهن جي رازداري ??اري حق کي ڪو به ماڻهو، آفيسر، ايجنسي يا ادارو پائمال نه ڪري. صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جو اظهار راءِ جو حق، لاڳو قانونن موجب هوندو، بل تحت قوميت، نسلي، مذهبي منافرت کي هوا ڏيندڙ ۽ امتياز، دهشت يا تشدد کي ڀڙڪائيندڙ مواد تي پابندي هوندي، نسلي، لساني، ثقافتي يا صنفي نفرت پکريندڙ مواد جي تخليق تي به پابندي هوندي، بل تحت صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز لاءِ اها ڳالهه لازمي قرار ڏني وئي ته اهڙي مواد جي ڇپائي نه ڪئي ويندي جنهن جي غلط يا ڪوڙو هجڻ جو ان کي پتو هجي، جيڪو ايئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندو ان جي خل??ف ڪيس هلايو ويندو. سرڪاري ??لازم يا اداري جي طرفان صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز تي تشدد، نازيبا زبان جي استعمال جي صورت ۾ متاثر ان جي خل??ف 14 ڏينهن اندر ڪميشن جي سامهون شڪايت داخل ڪرائي سگهندا. وفاقي محتسب يا لاڳاپيل ادارو 14 ڏينهن اندر هراسگي جي خل??ف جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جي قدم کڻندو، صحافي جي شڪايت تي ڪميشن مشاورتي ڪميٽي قائم ڪندي جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويندو ته شڪايت کي ٻڌڻ گهرجي يا نه، ڪميشن ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي شڪايت تي قانوني ڪارروائي ٿئي، صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي ڌمڪي، تشدد، جبر جي حوالي سان ڪنهن کي به قانوني ڪارروائي کان ڇوٽ حاصل نه هوندي، متاثر صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي قانوني مدد به فراهم ڪئي ويندي، بل تحت ڪميشن صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي شڪايت تي حڪومت، ڳجهي اداري ??ا اٿارٽي کان معلومات حاصل ڪندو، انهن کان رپورٽ، دستاويزن، ڊيٽا ثبوت طلب ڪندو، لاڳاپيل حڪومت، ايجنسي يا ادارو 14 ڏينهن ۾ جاچ ۽ ڪارروائي ڪندو، ڪميشن وٽ تقريبن سول ڪورٽ جهڙا اختيار ه??ندا، ڏوهه ڪميشن جي حدن کان ٻاهر ٿيو ته معاملي کي ميجسٽريٽ ڏانهن موڪليو ويندو، ڪميشن جي سامهون ٻڌڻي ??دالتي ٻڌڻي ??صور ٿيندي، سٺي نيت سان کنيل قدمن تي ڪميشن ۽ آفيسرن کي ڇوٽ حاصل هوندي، ميڊيا پروفيشنلز جي خل??ف ڌمڪي آميز، جابراڻي ۽ متشدد ڪاررواين کي فوري ۽ موثر جاچ ۽ قانوني ڪارروائي کان ڇوٽ حاصل نه هوندي.