اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيج??ن جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رشتا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ضرورت آهي، اي پي پي اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذربائيج??ن جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آهي، فلم، ڊراما ۽ ميوزڪ جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان هڪٻئي جي تجربن م??ن فائدو کڻي س??هن ٿا. هن اها ڳالهه ملاقات لاءِ آيل آذربائيج??ن جي سفير خضر فرحادوف سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت فلم، ڊراما، ميوزڪ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان سان گڏجي ظهير الدين بابر تي هڪ فلم تيار ڪئي پئي وڃي، اسان آذربائيجان سان گڏ به فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ تعاون ک?? فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستاني ڊرامن جو ترجمو ڪري آزبائيج??ن جي عوام کي پيش ڪري سگهجي ٿو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سياحت لاءِ خوبصورت ۽ پرڪشش ملڪ آهي، آذربائيج??ن جي عوام فلم ساز ۽ ڊراما نگار پاڪست??ن جي سياحتي ماڳن م??ن فائدو وٺي س??هن ٿا، چوڌري فواد حسين چيو ته سڄي دنيا کي فيڪ نيوز جو چئلينج درپيش آهي، ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون وقت جي اهم ضرورت آهي، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون خاص طور پاڪست??ن جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي پي پي، اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذربائيج??ن جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ پاڪست??ن جي حڪومت ملڪي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي نه رڳو ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو ڪيو پر سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي اختيار ڪندي ملڪي معيشت کي به مستحڪم بڻايو، اڄ سڄي دنيا وزيراعظم عمران خ??ن جي انهن قدمن ک?? ساراهي ٿي، آذربائيج??ن جي سفير حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي ساراهيندي چيو ته عالمي ميڊيا به وزيراعظم عمران خ??ن جي قدمن ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جون م??ال دنيا جي سامهون پيش ڪيون، هن افغانست??ن جي باري ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪئي، خضر فرحادوف چيو ته افغانست??ن جي ذريعي وچ ايشيائي رياستن ک?? پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پراميد آهن.