اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار عثمان ڊار چيو آهي ته ڪام??اب جوان پروگرام تحت 50 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا، جنهن سان 40 هزار نوان ڪاروبار شروع ٿيندا، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت 3 سالن دوران نوجوانن کي 30 ارب رپين جا قرض ڏنا، مسلم ليگ (ن) پنهنجي 5 سالن جي حڪومتي دور ۾ نوجوانن کي 26 ارب رپين جا قرض ڏنا آهن. ماضي جي حڪومتن نوجوانن ۽ راندين جي س??گر??ين کي نظر انداز ڪيو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هاءِ ٽيڪ اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم عمران خان سڀ کان پهرين ماحولياتي ت??ديلي تي ڳالهه ڪئي، حڪومت 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏنو آهي ۽ سال 2022ع ۾ نوجوانن لاءِ سڄي ملڪ ۾ س??گر??يون منعقد ڪرايون وينديون، يونيورسٽين ۾ صحتمند س??گر??ين لاءِ يوٿ گرين موومينٽ جي شروعات ڪئي ويندي، ڪام??اب جوان پروگرام تحت 18 کان 45 سال جي عمر جو هر شهري قرض لاءِ اپلاءِ ڪري سگهي ٿو. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته سال 2021ع کان ڪام??اب جوان پروگرام جا جيڪي منصوبا شروع ڪيا انهن جا سڀئي هدف حاصل ڪيا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ ڪام??اب جوان پروگرام تحت هاڻي ت??ئين 30 ارب رپيا تقسيم ڪيا ويا ۽ 27 ارب 2021ع ۾ تقسيم ٿيا. سال 2020ع ۾ ڪورونا سبب هر طرف بندش هئي جنهن ڪري ڪام??اب جوان قرض اسڪيم تي ڪم نه ٿي سگهيو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن سان واعدو آهي ته هن سال 50 ارب رپيا ڪام??اب جوان پروگرام تحت تقسيم ڪيا ويندا. هن چيو ته سال 2023ع نوجوانن جو سال ڊڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ ڪام??اب جوان پروگرام کان سواءِ نوجوانن جي معاملن واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي هلندڙ سال نوجوانن لاءِ سڄي ملڪ ۾ س??گر??يون منعقد ڪرايون وينديون ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته 12 آگسٽ تي نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان کي ميزباني ملي ته جيئن پاڪستاني نوجوانن جو اميج سڄي دنيا آڏو رکي سگهون.