اسل??م آباد – 17 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي انساني وسيلن کي بلاڪ، چين ٽ??ڪن??لاجي، مصنوعي ذهانت،سائبر سيڪيورٽي ۽ بگ ڊيٽا جهڙين اڀرندڙ ٽ??ڪن??لاجيز جي شعبي ۾ ترقي ۽ تربيت ڏيڻ تي زور ڏنو آهي ته ??يئن چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي، صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ بلاڪ چين ماهرن جي هڪ عالمي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن جي قيادت بي ايس وي بلاڪ چين ايسوسيئيشن جي باني صدر جيمس نيگوين ڪري رهيو هو. صدر بلاڪ چين ٽ??ڪن??لاجي جي اهميت ۽ فائدي جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته ??يئن سرڪاري ۽ نجي شعبا ان مان فائدو وٺي سگهن، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ??لاڪ چين ٽ??ڪن??لاجي ڏيڻ وٺڻ کي ٽريڪ ڪرڻ، بدعنواني کي گهٽ ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ شفافيت وڌائڻ جو هڪ طاقتور ذريعو ٺهي سگهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته ??لاڪ چين ٽ??ڪن??لاجي جي صلاحيتن کان پوري طرح فائدي وٺڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ان جي لاڳو کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ جامع نقطه نظر جي ضرورت آهي، صدر پاڪستان جي ٽ??ڪن??لاجي ٽيلينٽ جي خدمتن کي ساراهيو. جنهن دنيا جي ڪجهه وڏي ڪمپنين کي ٽيڪينڪي سهولت فراهم ڪري پنهنجي شناخت ٺاهي آهي، هن ان حقيقت کي اجاگر ڪيو ته گذريل سال دوران پاڪستاني اسٽارٽ اپ آءِ ٽي جي شعبي ۾ قابل قدر عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ان موقعي تي جميز نيگوين معيشت جي مختلف شعبن جهڙوڪ بئنڪنگ، فنٽيڪ، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ، ه??لٿ ڪيئر، بگ ڊيٽا، ماحوليات ۽ گورننس ۾ بلاڪ چين ٽ??ڪن??لاجي جي امڪانن ۽ استعمال جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ميٽنگ کي پاڪستان ۾ بي ايس وي بلاڪ چين پاران کنيل ڪيترن ئي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو.