اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته فيصل آباد ڊويزن جي عوام لاءِ اڄ تمام وڏي خوشي جو ڏينهن آهي. وزيراعظم عمران خان جي مهرباني جيڪو اڄ فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سن??هه، جهنگ، چنيوٽ جي 32 لک خاندانن کي صحت ڪارڊ فراهم ??ري رهيو آهي. مڪمل آبادي کي 10 لک روپين تائين سالياني چونڊيل پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسپتا??ن مان مفت علاج جي لاءِ صحت ڪارڊ جاري ٿيندو.