اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترج??ان عاصم افتخار چيو آهي ته پاڪستان ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جو انعقاد پاڪستاني سفارتڪاري ۽ عالم اسلام ۾ اسلام آباد جي قائداڻي ڪردار جي ڏس ۾ هڪ تاريخي واقعو آهي، پاڪستان ڪنهن بلاڪ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ امن ۽ استحڪام، دوستاڻي پاڙيسري ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هفتيوار بريفنگ دوران ترج??ان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان چيو ته ڪانفرنس تنظيمي ۽ ??نت??امي موقف کان وٺي ٺوس تيارين ۽ نتيجن تائين هر لحاظ کان ڪامياب رهي، اهو پاڪستاني سفارتڪاري جو تاريخي ايونٽ هو، اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سائنٽفڪ ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو، مسل??ان امت کي درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي اڻٽر قرار ڏنو ويو. ترج??ان چيو ته ڪانفرنس واضح پيغام ڏنو ته مسل??ان دنيا تڪرارن ۾ نه پر امن ۾ حصيدار آهي، پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل هڪ دفعو ٻيهر او آءِ سي ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف ڪيو، ترج??ان چيو ته او آءِ سي ۾ پاڪستان جي نمايان ڪردار جو ان ڳالهه ??ان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اجلاس ۾ او آءِ سي جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن، علائقائي ۽ عالمي تنظيمن جي 800 کان وڌيڪ نمائندن، وزاتي سطح جي 45 کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙن، اعليٰ عملدارن، نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته چيني پرڏيهي وزير وانگ يي خصوصي مه??ان طور تي گهرايو ويو هو، ترج??ان چيو ته فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت ڀرپور قرارداد، ڄمون ۽ ڪشمير تي رابطا گروپ جي طرفان جامع گڏيل پڌرنامو ۽ ايڪشن ??لان، افغانستان جي حوالي سان هيومينٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ، اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي مقرري، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن بابت قرارداد، 9 مارچ تي ڀارتي ??يزائل جي واقعي تي سخت خدشا، پاڪستان جي طرفان مسل??ان دنيا ۾ امن جي فروغ ۽ تڪرارن جي روڪٿام جي غرض سان وزارتي ڪانفرنس گهرائڻ جون تجويزون نمايان ڪاميابي آهن، سياسي، سيڪيورٽي، انساني، اقتصادي، سماجي، قانوني مسلم اقليتن، اسلامو فوبيا، اسلحه ڪنٽرول، دهشتگردي، غير قانوني مالياتي ??هڪري ۽ بدعنواني، ثالثي ۽ او آءِ سي سڌارن جي حوالي سان هڪ سئو 40 قراردادون منظور ڪيون ويون، انهن ??ان 20 قراردادون پاڪستان يا پاڪستان جي تعاون سان پيش ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان چيو ته اسلام آباد ۾ اجلاس جو انعقاد پاڪستاني سفارتڪاري ۽ عالم اسلام ۾ اسلام آباد جي قائداڻي ڪردار جي ڏس ۾ هڪ تاريخي واقعو آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن بلاڪ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ امن ۽ استحڪام، دوستاڻي پاڙيسري ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان چين کي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ خاص مه??ان طور دعوت ڏني ڇو ته بيجنگ او آءِ سي ملڪن سان تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. ترج??ان چيو ته چين وٽ اسلامي ملڪن سان پنهنجي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ انهي جذبي سان اسان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي کي خصوصي مه??ان طور ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، عاصم افتخار چيو ته او آءِ سي رابطا گروپ ڄمون ۽ ڪشمير تي ??ڪ ايڪشن ??لان به اختيار ڪيو.