پشاور – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوشهره ضلعي ۾ اضا خيل ڊرائي پورٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي ريلوي وارو وفاقي ??زير شيخ رشيد، دفاع وارو وفاقي ??زير پرويز خٽڪ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به ساڻس گڏ هئا، ان موقعي تي بر??فنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اضا خيل ڊرائي پورٽ پنهنجي نوعيت جو جديد ڊرائي پورٽ آهي جنهن کي 50 ڪروڙ 70 لک روپين جي وڏي رقم سان هڪ سال جي عر??ي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي.