اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نجي ٽي وي جي ڪئميرامين فياض علي جي لاڏاڻي تي انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو، مرحوم جي گهروارن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، وز??راعظم جي هدايت ??ي سندس گهرڀاتين سان تعزيت ۽ انهن جي دادرسي جي لاءِ هتي آئي آهيان، ميڊيا هڪ اهڙو طبقو آهي جيڪو سڀني جي خبر رکي ٿو پر ان جي خبر ائين نه ٿي ورتي وڃي جيئن وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي مارجي ويل ڪئميرامين فياض جي گهرڀاتين سان تعزيت ??ي لاءِ سندس رهائش??اه?? اچڻ ۽ گهرڀاتين سان ملاقات ک??نپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.