اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته واپار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ واپارين کي س??ولتون فراهم ڪرڻ سان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافو ٿيندو جيڪو ملڪ جي بهترين معاشي مفاد ۾ آهي، خاص طور تي سرحدن ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني سان انهن علائقن جي عوام جي ل??ءِ روزگار جي موقعن ۾ به اضافو ٿيندو. سرحد جي ٻنهي طرفن کان نان ٽيرف رڪاوٽن ۾ گهٽتائي سان گڏيل واپار ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان برآمدات جي??ا ڪورونا وائرس وبائي مرض جي ڪري متاثر ٿي هئي ان جي بحالي جي ل??ءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.