اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نئين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف ??سٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ نئين چيف آف ??رمي اسٽاف سيد عاصم منير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ساحر شمشاد مرزا کي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيئرمين جوائنٽ چيفس آف ??سٽاف ڪميٽي مقرري تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف ??سٽاف ڪميٽي جي مقرري 27 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر سيد عاصم منير کي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ ان جي چيف آف ??رمي اسٽاف ط??ر مقرري تي مبارڪباد ڏني. چيف آف ??رمي اسٽاف جي مقرري 29 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر کين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف ??سٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف ??رمي اسٽاف طور سندن ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.