اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پا??ست??ن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي ۽ واڌاري واري سهولت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ست??ن ۾ آءِ ٽي ڪاروبار جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪاروباري ادارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ باخبر ۽ متحرڪ قيادت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايمرجنگ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته عالمي سطح ت?? انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري رهيو اهي ۽ پا??ست??ن ک?? انفارميشن ٽيڪنالاجي ج?? انقلاب سان پيدا ٿيندڙ موقعن ۽ عالمي رابطن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مختصر مدي ۾ پا??ست??ن جي مالي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد جي صلاحيت موجود آهي. صدر هائير ايجوڪيشن جي نصاب کي باقاعدگي سان بهتر بنائڻ، تعليم جي فراهمي جا جديد طريقا اختيار ڪرڻ ۽ يونيورسٽين ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ تعاون جي فروغ جي ذريعي تعليمي شعبي ۽ صنعت جي وچ ۾ فرق تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب تربيت يافته گريجوئيٽ ۽ هنرمند افرادي قوت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جي سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي گهرج آهي. هن چيو ته 2030ع تائين سڄي دنيا ۾ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ 8 ڪروڙ ماڻهن جي ضرورت پوندي. هن چيو ته پا??ست??ن کي ٻين علائقائي ملڪن سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي گريجوئيٽس ج?? انگ ۾ اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پا??ست??ن ۾ ساليانو 27 کان 30 هزار گريجوئيٽس سامهون اچن ٿا انهن ج?? انگ ۾ آن لائين ملازمتن، تعليم جي جديد طريقن، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۽ عورتن کي گهٽ مدي وارا هنر فراهم ڪرڻ جي ڪورسز ۽ ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام جي ذريعي اضافو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته سڄي دنيا ج?? انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صنعت ترتيبوار ڊگري جي ب??ياد تي تعليم سان منتقل ٿي رهي آهي، افرادي قوت ک?? انهن جي تعليمي قابليت بدران انهن کي هنر جي ب??ياد تي ملازمتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم ڊيجيٽل اسڪل پروگرام تحت مختلف تعليمي ڊگريون رکندڙ 20 لک ماڻهن ڊيجيٽل مهارتن جي تربيت حاصل ڪئي آهي، جيڪو پا??ست??ن نوجوانن جي مهارتن ۾ اضافي جي لاءِ نجي شعبي جي لاءِ ماڊل جي مثال جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته ميٽا (فيس بڪ) پا??ست??ن ۾ 5 هزار عورتن کي تربيت ڏني آهي ته جيئن اهي مقامي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ پنهنجي مصنوعات جي تشهير ڪري سگهن. هن چيو ته آن لائين اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام سان عورتن کي پنهنجي مصنوعات ۽ خدمتن جي آن لائين فراهمي جي آڇ ۾ مدد ڪر?? انهن کي روزگار جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. انابليررز جي ??يف ايگزيڪيوٽو آفيسر ثاقب اظهر چيو ته سمورين ڌرين کي آءِ ٽ?? انٽر پرينيئرز کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سندس ادارو پا??ست??ني نوجوانن جي مالي ۽ معاشي خودمختياري جي فروغ ۾ هڪ تحريڪ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو انهن کي جديد ڊيجيٽل مهارتون سيکاري رهيو آهي. هن چيو ته هيستائين ملڪ ۾ ٽي لک ماڻهن کي تربيت ڏئي چڪا آهيون ۽ انهن جو ادارو پا??ست??ن جي اي ڪامرس مارڪيٽ ۾ پنهنجي ڪردار کي توسيع ڏئي رهيو آهي. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اصغر زيدي چيو ته پا??ست??ن ۾ تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ فرق کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. پراڻي نصاب کي جديد بڻايو وڃي ۽ ڪمپيوٽر سائنس، ڊيٽا سائنس ۽ مصنوعي دانش جي شعبن ۾ تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي. صدر انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪاروباري ماڻهن ۾ ايوارڊز پڻ ورهايا.